ٿر جو ڪوئلو

ٿر جو ڪوئلو (Thar Coal ):ٿر کي قدرت طرفان ٻين نعمتن سان گڏ ڪوئلي جي ذخيرن سان به نوازيو آهي. 1988ع ۾ برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ (ODA) اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ کاريي غلام شاهه جي ويجهو ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ GSP/UGS ڇاڇري جي ڀرسان ’سازدا‘ طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو ته ٿر واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگي لاءِ ڊرلنگ جي وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا.
ٿر ۾ ڪوئلي واري ايراضي وارو وچور:
ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو اٽڪل 15 24 ۽ 45 25 اتر ويڪرائي ڦاڪ، 45 69 ۽ 45 70 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ ڦهليل آهي. ٿر جو ڪوئلو هيٺين بلاڪن ۾ ڏنل وچور موجب ملي ٿو:
نمبر بلاڪ جو نالو ايراضي

(چورس ڪ.م ۾) ڊگريون ڪوئلي جي موجودگي ملين ٽنن ۾
ويڪرائي ڦاڪ ڊگهائي ڦاڪ
01 سينهاروڪيه ۽ وروائي،بلاڪ -I 122 35 24 کان
44 24 اتر 12 70 کان
18 70 اوڀر 3،566
02 سينگارو، بلاڪ-II 55 44 24 کان
51 24 اتر 15 70 کان
25 70 اوڀر 1،584
03 صالح جو تڙ، بلاڪ III 99.50 49 24 کان
58 24 اتر 12 70 کان
18 70 اوڀر 2،008
04 سونلٻهه،
بلاڪ- IV 82.50 41 24 کان
48 24 اتر 12 70 کان
20 70 اوڀر 2،271
• ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ ۾ ڏکڻ- اوڀرندي طرف ٿر واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر کان 250 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 7003’ اوڀر جي وچ ۾ آهي.
• ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي ٿر جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر-ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (اوڀر ندي-اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
• ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو ٿر ضلعي جي مٺي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي.
• ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي.
• ڪوئلي جي هن ذخيري جي حسان سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ ستين نمبر تي بيهي ٿو.
• ٿر جي ڪوئلي جو معيار لگنئيٽ A کان B آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي.
ماهرن جي هڪ جائزي موجب ٿر ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيرن مان تيل ۽ گئس جي ڀيٽ ۾ توانائيءَ جي پيداوار سئو ڀيرا وڌيڪ ڪري سگهجي ٿي. هڪ اندازي موجب ان ڪوئلي جي صرف ٻه سيڪڙو استعمال سان چاليهن سالن تائين 20 هزار ميگا واٽ بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان هن وقت توانائيءَ جي شديد بحران جو شڪار آهي. بجليءَ جي اڻ هوند عام ماڻهن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هئڻ سان گڏ صنعتي ۽ معاشي طور هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. ٿر جي ڪوئلي جي مدد سان توانائيءَ جي پيداوار ۾ بي انداز اضافو ٿي سگهي ٿو. ان ڏِس ۾ سرڪار پاران ڪجهه غير ملڪي ڪمپنين ذريعي ٿر ۾ ڪوئلي بابت سروي ڪرايو ويو آهي. جنهن تي جلد عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ان سان هڪ طرف ملڪ لاءِ توانائي حاصل ٿيندي، ٻئي طرف علائقائي نوجوانن ۽ پورهيتن کي روزگار جو موقعو ملي سگهندو.
2008ع ۾ چونڊيل جمهوري حڪومت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ ٿر ڪول اٿارٽي جي تشڪيل جي منظوري ڏني، جنهن موجب ٿر ڪول اٿارٽيءَ جو چيئرمئن سنڌ جو وڏو وزير هوندو، وائيس چيئرمئن پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير هوندو، جڏهن ته پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمئن، ٿر ڪول اٿارٽيءَ جو به ڊپٽي چيئرمئن هوندو. تنهن کان سواءِ ٻين ميمبرن ۾ سيڪريٽري پاڻي ۽ بجلي، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ هڪ صوبائي وزير، ڪول اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر/ سيڪريٽري طور فرض نڀائيندو.


لفظ ٿر جو ڪوئلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو